ڀٽي دوست محمد

ڀٽي، دوست محمد: سنڌ جو ناميارو اديب دوست محمد ولد ميان نور محمد ڀٽي 6 اپريل 1934ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڪوٽڙيءَ جي سنڌي اسڪول نانگو لائين مان، مئٽرڪ 1953ع ۾ شير دل خان هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان ۽ انٽر پرائيويٽ 1973ع ۾ پاس ڪئي. هن پهريان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، ان کان پوءِ هو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) سنڌ بابت عام معلومات (ٽي حصا)، (2) اسلامي معلومات،(3) دنيا اسلام (معلومات)، (4) تحريڪ پاڪستان ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن ۾”غلامن جو ٻيڙو“ ۽ ”پيپرس کان پيپر بوڪ تائين“ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو